- Advertisement -
سکر سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ وڌيڪ هڪ قيدي فوت ٿيڻ بعد هڪ هفتي اندر فوتي قيدين جو انگ 2 ٿي ويو.
سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ سينٽرل جيل سکر ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدي جلال الدين فوت ٿي ويو.
جلال الدين جي فوت ٿيڻ بعد هڪ هفتي اندر فوتي قيدين جو انگ 2 ٿي ويو.
گذريل ٽن ورهين کان جلال الدين سينٽرل جيل سکر ۾ قيد جي سزا ڪاٽي رهيو هو.
فوتي قيدي جي وارثن جو چوڻ آهي ته جلال الدين درست نموني علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿيو آهي، معاملي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
