- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر رٽائرڊ ملازمن جي پينشن واري ڪيس ۾ غلط بياني ڪرڻ تي سنڌ سمال انڊسٽريز جي ڊائريڪٽر ايڊمن احسان کي گرفتار ڪرائي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو.
اڳوڻي اڪائونٽس ڪلارڪ عبدالغفار شيخ جي پينشن نه ڏيڻ واري درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران سنڌ سمال انڊسٽريز ڪراچي جو ڊائريڪٽر ايڊمن احسان پيش ٿيو.
وڪيل امتياز علي عباسي دليل ڏيندي چيو ته آڪٽوبر 2024 کان هن مهل تائين ملازم عبدالغفار شيخ کي پينشن ناهي ڏني وئي.
سنڌ سمال انڊسٽريز جي ڊائريڪٽر احسان جو چوڻ هو ته عبدالغفار شيخ هنن وٽ ڪانٽريڪٽ تي ملازم هو.
وڪيل جو چوڻ هو ته عبدالغفار شيخ سنڌ سمال انڊسٽريز گمبٽ ۾ اڪائونٽس ڪلارڪ طور پڪو ملازم هو ان جا هي سمورا ثبوت آهن.
وڪيل صحافين کي ٻڌايو ته عدالت غلط بياني ڪرڻ تي سنڌ سمال انڊسٽريز ڪراچي جي ڊائريڪٽر ايڊمن احسان کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪرائي لاڪ اپ ۾ ويهاري ڇڏيو.
وڪيل موجب عدالت گذريل ٻڌڻي تي پيش نه ٿيڻ تي سنڌ سمال انڊسٽريز جي ڊائريڪٽر ايڊمن احسان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪيا هئا.- Advertisement -
