تازه ترين

سکر ۾ منگي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سکر ۾ منگي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ايس ايس پي آفيس ويجهو منگي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران ڌرين هڪٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان شعيب چاچڙ قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال کڻائي ويئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو هلندڙ هو.

ٻئي پاسي مارجي ويل جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو مڙهه گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

آخري اطلاعن تائين جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي هئي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
26 %
3.7kmh
1 %
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون