- Advertisement -
سکر ۾ هٿياربند هٿيارن جي زور تي شهري کان 15 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
بي سيڪشن ٿاڻي جي حد فريئر روڊ تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربند هٿيارن جي زور تي سبهاس ڪمار کان 15 لک رپيا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
پوليس ۽ هٿياربندن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ واٽهڙو جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
ڦورو بنا نمبر پليٽ واري موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا.- Advertisement -
