تازه ترين

سڪيورٽي فورسز جو اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا ،فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر ۽ سپاهي شهيد

- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڇهه دهشتگرد مارجي ويا ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر ۽ سپاهي شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب، 29 ۽ 30 جنوري جي وچ واري رات سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران ڇهه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر حمزه اسرار ۽ سپاهي محمد نعيم شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي جوانن دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي جان جو نظرانو پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميجر اسرار جو تعلق راولپنڊي ۽ سپاهي محمد نعيم جو نصير آباد سان هو. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر شهيدن جون عظيم قربانيون دهشتگردي خلاف سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون