- Advertisement -
پ پ ايم اين اي شازيا مري چوٽياريون واقعي جي متاثرن سان تعزيت ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته بيواهه عورتون ۽ ٻارڙا ظلم خلاف دانهيندي لڙڪ لاڙي ويٺا.
پ پ ايم اين اي شازيا مري چوٽياريون واقعي جي متاثرن وٽ پهچي وئي.
شازيه مري چوٽياريون واقعي جي متاثرن سان تعزيت ڪئي
وارثن احتجاج ڪندي چيو ته ايم اين اي علائو الدين جوڻيجي ظلم ڪيو آهي، انصاف ڏياريو وڃي.
بيواهه عورتن ۽ ٻارڙن چيو ته سندن کان سهارو کنيو ويو آهي، ڪير انصاف ڏيندو؟، يارهن ڏينهن کان انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن.
پ پ ايم اين اي شازيه مري خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرايو ويندو ۽ جيڪي زخمي اسپتال ۾ موجود آهن، سندن مدد لاءِ اعليٰ اختيارين سان ڳالهايو آهي.
وارثن چيو ته سياسي اثر رسوخ سبب ناانصافي ٿي رهي آهي، سندن پيارا ماريا ويا، جوابدار اڃا تائين آزاد ڇو گهمي رهيا آهن؟.- Advertisement -
