تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شاهپور جهانيان ۾ بدامني ۽ پوليس طرفان چوڪيدارن تي تشدد خلاف شٽربند هڙتال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

شاهپور جهانيان ۾ واپارين جي سڏ تي وڌندڙ بدامني ۽ پوليس پاران چوڪيدارن تي مبينا تشدد خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته  واپارين جي سڏ تي حاجي اسلم ٻگهيو، حاجي صدا بخش سولنگي، معشوق ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، ڦر، چوري ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

هنن الزام هڻندي چيو ته ٿاڻي تي مقرر ٿيل اي ايس آءِ مبين ٻگهيو چوڪيدارن تي بنا جواز تشدد ڪري چوڪيداري ڪرڻ کان روڪي ٿو.

سندن چوڻ هو ته شهر ۾ منشيات، جوا ۽ فحاشي هلي رهيا آهن پر پوليس خاموش آهي ۽ ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي شهرين سان بدتميزي ڪندڙ اي ايس آءِ کي هٽائي شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج سان گڏ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
29 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
21 %
3.9kmh
5 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون