- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي روڊ سيفٽي ڪميٽي ٽريفڪ جي ڀڃڪڙين تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
روڊن تي اوور لوڊنگ، اوور اسپيڊنگ ۽ غير معياري ڪمرشل گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري 33 گاڏين جو معائنو ڪيو ويو.
معائني دوران 20 گاڏين جو چالان ڪيو ويو، 4 گاڏيون ضبط ۽ خلاف ورزي ڪندڙن تي ڪل هڪ لک 14 سئو رپيا ڏنڊ لڳايو ويو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪميٽي ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي کي روڪڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ سرپرائز چيڪنگ ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي انساني جانين لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، جنهن تي سنڌ حڪومت سخت ڪارروائي ڪري رهي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته روڊن تي اوور لوڊنگ، اوور اسپيڊنگ يا نا مناسب گاڏيون برداشت نه ڪيون وينديون.
هن چيو ته سڀني ڪمرشل گاڏين کي حفاظتي ضابطن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ٽريفڪ کي منظم ڪرڻ، حادثن کي روڪڻ ۽ روڊ سيفٽي قانونن کي سختي سان لاڳو ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري رهندا.- Advertisement -
