شرجيل ميمڻ ايف آءِ اي کان پي ٽي آءِ باني جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايف آءِ اي کان پي ٽي آءِ باني جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جن خدشن جو اظهار ڪيو، اهي غلط ناهن، تحريڪ انصاف جي باني کي پاڪستان خلاف لائونچ ڪيو ويو، هي شخص اقتدار جي حوس ۾ ملڪ کي داءَ تي لڳائڻ لاءِ تيار آهي، تحريڪ انصاف باني جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ اڊيالا جيل مان آپريٽ ٿي رهيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پي ٽي آءِ باني تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته جيل ۾ قيد شخص انٽرويو ڏئي رهيو آهي، پارٽي ٽڪيٽون ڏئي رهيو آهي، جيل ۾ قيد شخص سان منسوب بيان گمراهه ڪندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته شيخ مجيب ۽ سقوط ڍاڪا جي وڊيو  پي ٽي آءِ باني ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ جاري ڪئي، پي ٽي آءِ جو باني ڪنهن سياستدان يا جنرل خلاف نه  پر پاڪستان خلاف آهي، ايف آءِ اي سندس خلاف ڪارروائي ڪري. شرجيل ميمڻ چيو ته جيل ۾ وٺل شخص پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، سندس انٽرويو به هلي رهيا آهن، آرٽيڪل به ڇپجي رهيا آهن، غلط وڊيوز هلائي ملڪي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان خلاف ڪڌي سازش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني سوشل ميڊيا تي ويڊيو جاري ڪري شيخ مجيب الرحمان کي هيرو قرار ڏنو. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته هن شخص پوليس جي ججن ۽ ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون، هي شخص جڏهن اقتدار ۾ هو تڏهن اهڙيون ڳالهيون ڇو نه ڪندو هو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني خلاف اڃا تائين ڪيترائي ڪيس داخل نه ٿيا آهن، هن شخص اربين رپيا قرض معاف ڪرايو. سندس چوڻ هو ته هن شخص ملڪ جي معيشت ۽ نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو، حڪيم سعيد به قوم کي ان شخص بابت گهڻو اڳ ٻڌائي چڪو هو، ڊاڪٽر اسرار احمد به ان سڄي پلان بابت ٻڌايو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
23%
2.4m/s
0%
اربع
25 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون