- Advertisement -
شهدادپور ويجهو لنڊو ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان بيروزگاريءَ کان تنگ اچي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ سارنگ خان زرداري ۾ 11 ڪلاس جي شاگرد ارشاد زرداري مبينا طور پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو.
وارثن نوجوان کي کڻائي سمس اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
