شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ نينگري فاطمه جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو: نگران صوبائي وزير

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

قانون ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو آهي ته شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ نينگري فاطمه جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو، حنا شاهه به جلد گرفتار ٿيندي، مٿن ڪو به دٻاءُ ناهي.

نوشهروفيرز  تعلقي بار ڀرياسٽي ۾ نگران صوبائي وزير عمر سومري جي مان ۾ آجياڻو ڏون ويو، جنهن ۾ سنڌ بار جي ميمبرن سميت وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  نگران صوبائي وزير ضلعي جي مختلف بارن کي ليپ ٽاپ، انٽرنيٽ ڪنيڪشن ۽ پي ايل ڊي ڪنيڪشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي ۽ ملير بار جيان نوشهروفيروز بار کي ساڍا نو ايڪڙ زمين وڪيلن جي رهائشي ڪالوني لاءِ ڏني ويندي.

عمر سومري چيو ته فاطمه ڦروڙ ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو، جان محمد مهر جا قاتل ڪچي فرار ٿيل آهن، جن لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ضروري آهي.

نگران صوبائي وزير چيو ته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ حنا شاهه کي به گرفتار ڪيو ويندو، مٿن ڪو به دٻاءُ ناهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
25%
4.7m/s
22%
اربع
28 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون