تازه ترين

شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي عبوري ضمانت ۾ 26 آگسٽ تائين واڌ

- Advertisement -
گهوٽڪي جي عدالت ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي عبوري ضمانت ۾ 26 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي گهوٽڪي جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پ پ ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ،  سندس پٽ شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس جي فريادڻ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي گڏاڻي به عدالت ۾ پيش ٿي. عدالت  ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پيپلز پارٽي  جي ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جي عبوري ضمانت ۾ 26 آگسٽ تائين واڌ ڪئي. جاچ آفيسر سراج لاشاري ڳالهائيندي چيو ته  جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي آھي، عدالت سومر تي پنھنجو فيصلو ٻڌائيندي. خالد لنڊ جي وڪيل منصور علي چيو ته خالد لنڊ ۽ سندس پٽن شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جي پڪي ضمانت منظور ٿيڻ يا رد ٿيڻ بابت عدالت سومر جي ڏينھن فيصلو ٻڌائيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون