تازه ترين

شڪارپور جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

- Advertisement -
شڪارپور جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غلام قادر تنيو جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن سوڀو، نياز ۽ احسان جتوئي کي سزا ٻڌائي. عدالت پاران ٽنھي جوابدارن تي ڏھه ڏھه لک رپيا ڏنڊ به وڌو ويو. عدالت قتل ڪيس جي مک جوابدار سوڀو جتوئي کي ھٿيار رکڻ جي ڏوھه ۾ 8 سال وڌيڪ قيد جي سزا به ٻڌائي. عدالت برڪت جتوئي کي شڪ جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي بعد ٽنهي جوابدارن کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو. ٽي سال اڳ جوابدارن شڪارپور ۾ مسمات اقبال جتوئي ۽ منصور ميرجت کي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪيو ھو. منصور ميرجت جي وارثن جي فرياد تي جوابدارن خلاف شڪارپور جي اسٽور گنج ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
52 %
3.1kmh
6 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون