- Advertisement -
شڪارپور جي عدالت گهرواري کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي عمر قيد ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طارق احمد ڀٽي جي عدالت ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار جلال جتوئي کي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت پاران جوابدار کي غير قانوني ھٿيار رکڻ جي ڏوھه ۾ 8 سال قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي.
عدالت جي اھڙي فيصلي بعد جوابدار کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو.
3 سال اڳ جوابدار ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ جلال الدين جتوئي ۾ پنھنجي گھر واري گھنور خاتون کي امان الله جتوئي سان ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو ھو.- Advertisement -
