- Advertisement -
شڪارپور مان ڪاٺيون ڪرڻ ويل ڪرمپور واسي 9 مزدور اغوا، وڊيو وائرل، ايس ايس پي ڌمڪي
شڪارپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڏڪ بند وٽان صبح سوير هٿياربند ڪاٺيون ڪرڻ ويل ڳوٺ مهرو جي رهواسي ديدار ملڪ، حفيظ ملڪ، ھزارو ملڪ، نظام ملڪ، حضورو ملڪ، رمضان چاچڙ، اجي چاچڙ ۽ سھيل شيخ سميت 9 مزدورن کي اغوا ڪري ويا آهن.
ڌاڙيلن مزدورن جي مغوين جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي، وڊيو ۾ مزدور بازياب ڪرائڻ لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن
وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جا ماڻهو معمول موجب صبح سوير گڏهه گاڏن تي ڪاٺيون ڪرڻ ويا ته ڏڪ بند وٽان کين هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، ڌاڙيلن اهڙي وڊيو پڻ وائرل ڪئي آهي
ڌاڙيل مغوين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کان ڊرون حملا بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي.- Advertisement -
