- Advertisement -
شڪارپور پلازه ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ شادي خان سندراڻي واسي علي حسن سندراڻي مارجي ويو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ زمين پاڻي ڏيڻ ويو هو ، جتي کيس بروهي برادري جي ماڻهن قتل ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو- Advertisement -
