صارم برني ڪاغذن ۾ هير ڦير ۽ انساني سمگلنگ ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت ڌرين کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ صارم برني خلاف ڪاغذن ۾ هير ڦير ۽ انساني سمگلنگ بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جوابدار صارم برني سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
صارم برني جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته صارم برني 5 جون کان جيل ۾ آهي.
وڪيل چيو ته صارم برني ڪيس جو 24 جون تي ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪيو ويو هو.
صارم برني جي وڪيل چيو ته ٽرائل اڃا شروع نه ٿيو آهي جن ڇوڪرين کي پرڏيهه موڪلڻ جو الزام آهي، اهي ڇوڪريون پاڪستان ۾ آهن.
صارم برني جي وڪيل سرمد برني چيو ته عدالت ڪيس جي فوري ٽرائل جو حڪم ڏئي.
وڪيل جا دليل ٻڌڻي بعد عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ۽ پراسيڪيوشن کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.
واضح رهي ته صارم برني کي آمريڪا مان واپسي تي پاڪستان مان انساني سمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
