- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.
خميس ڏينهن 27هين ترميم جي منظوري بعد سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.
ٻنهي ججن پنهنجون استعيفائون صدر آصف علي زرداريءَ ڏانهن اماڻيون هيون.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جون استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.
جسٽس منصور ۽ جسٽس اطهر من الله ساٿي ججن سان سندن چيمبرن ۾ وڃي الوداعي ملاقاتون ڪيون، ججن ٻنهي کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جي صلاح ڏني هئي.- Advertisement -
