- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي قائم ڪيل هاءِ پاورڊ ڪاميٽي جو مقصد منشيات جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ آهي.
ڪراچيءَ ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ هائي پاورڊ ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو.
ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ايڪسائيز سيڪريٽري، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري، اي اين ايف ڪمانڊر۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي مرڪزن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو ويو .
اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ انٽيليجنس ۽ ڊيٽا شيئرنگ جو به فيصلو ڪيو ويو.
تعليمي ادارن ۽ شاگردن ۾ منشيات کي روڪڻ لاءِ پي ٽي اي کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو.
اسڪريننگ ڪميٽين جي جوڙجڪ ۽ شاگردن جي ريگيولر چيڪ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاءِ پاور ڪاميٽي جو مقصد منشيات جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ آهي.
هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ٻارن جي ڊرگ ٽيسٽ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، تعليم کاتو اسڪول انتظاميا ۽ والدين کي اعتماد ۾ وٺي.
شرجيل ميمڻ چيو ته معاشري ۾ منشيات جا اثر وڌي رهيا آهن، ان کي روڪيو نه ويو ته معاشرو هٿن مان نڪري ويندو، منشيات سبب نئون نسل تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير جو چوڻ هو ته سڀني کي سنجيدگي سان ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.- Advertisement -
