- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو جي سياسي خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جون خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن.
صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو جي 13 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو آمر خلاف عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي، هن ڏکئي دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ڪئي، بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو.
هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جرئت ۽ بهادري سان آمراڻي حڪومت جي ظلم ۽ جبر جو مقابلو ڪيو، هوءَ مادر جمهوريت، عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته هن عورتن جي خودمختياري ۽ سياست ۾ سندن شموليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اسان کي بيگم نصرت ڀٽو جي نظريي کي مشعل راهه بڻائڻو پوندو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسي تي سندس مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا.
آصف علي زرداري چيو ته هو ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جي مشن تي قائم رهندو………- Advertisement -
