- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وارا لاڳاپا وڌائڻ جي ضروري آهي، ٻنهي ملڪ کي مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار جا موقعا ڳولڻا پوندا.
صدر آصف علي زرداريءَ سان پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي، جنهن دوران آمريڪي سفير صدارت سنڀالڻ تي آصف علي زرداريءَ کي واڌايون ڏنيون.
ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، جديد ڪاروباري آئيڊياز آڻڻ کي همٿائن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا ستن ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي ترجيح معيشت کي درست رخ ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ اقتصادي توڙي سڪيورٽي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ آهي.
صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي.
آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، توانائي، زراعت ۽ سڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائي سگهن ٿا- Advertisement -
