صدر آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو وٽ ٽئين پٽ جي پيدائش

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري کي ٽئين پٽ جي اولاد ٿي آهي. فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي بختاور ڀٽو زرداري ۽ سندس مڙس محمود چوڌري اها خوشخبري پنهنجي پرستارن کي ڏني ۽ هن نعمت تي الله پاڪ جو شڪر به ادا ڪيو. بختاور ڀٽو زرداري في الحال پنهنجي ٽئين پٽ جو نالو ناهي ٻڌايو پر هن ٻڌايو آهي ته ٽئين پٽ جي پيدائش 20 آڪٽوبر 2024ع تي ٿي آهي. بختاور ڀٽو زرداري جي ٽيون ڀيرو ماءُ بڻجڻ ۽ پٽ جي پيدائش جي خبر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ بعد مبارڪ ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري جي 31 جنوري 2021ع تي محمود چوڌري سان شادي ٿي هئي. بختاور ڀٽو زرداري جي پهرين پٽ مير حاڪم محمود چوڌري جي پيدائش 11 آڪٽوبر 2021ع ۽ ٻئي پٽ مير سجاول محمود چوڌري جي پيدائش 5 آڪٽوبر 2022ع تي ٿي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
5.7m/s
0%
اربع
24 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون