- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني کي سندس ٽئين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هو والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ عظيم اڳواڻ سيد علي گيلاني جي جرتمنداڻي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته سيد علي گيلاني ڏهاڪن تائين اميد ۽ مزاحمت جو ڏيئو بڻيل رهيو، هن ڪيترن ئي ڪشميرين کي خود اراديت جي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ڏنو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته قيد جي تڪليفن باوجود سيد علي گيلاني والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ آواز اٿاريندو رهيو، قيد سميت ذاتي تڪليفون سندس عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيون، پاڪستان ڪشميرين جي جائز جدوجهد لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير کي آزادي جي تحريڪ جي معتڀر نالي طور هميشه ياد رکيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هو ڪشميري تحريڪ جو هڪ عظيم اڳواڻ هو، جنهن جو والاريل ڪشميري عوام جي حق خود اراديت تي پختو يقين هو، هن سڄي زندگي هن مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪشميري عوام جي آزادي ۽ خود اراديت جي جدوجهد لاءِ سيد علي گيلاني جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، قيد ۽ تڪليفون سندس عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيون، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو………….- Advertisement -
