- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي.
صدر آصف علي زرداري وطن جي دفاع ۾ سامونڊي فوج جي ڪردار، آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ قربانين جي ساراهه ڪئي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ دشمن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪري سامونڊي فوج پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو، سامونڊي فوج ملڪ کي پيش ايندڙ روايتي ۽ غير روايتي سامونڊي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.
سندس چوڻ هو ته هڪ مضبوط سامونڊي فوج، ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي، ملڪي دفاعي ۽ علاقائي امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سامونڊي فوج جو اهم ڪردار آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي سامونڊي مفادن ۽ حدن جي دفاع لاءِ سامونڊي فوج هر وقت تيار آهي، قوم سامونڊي فوج، ان جي جوانن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي تي فخر ڪندي آهي، سامونڊي فوج جي هيروز جون قربانيون سندن لاءِ مشعل راهه آهن.
وزيراعظم شهباز شريف سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
جاري ڪيل خاص پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته سامونڊي فوج جي مستقل مزاجي فرض شناسي جو ثبوت آهي.
سندس چوڻ هو ته هو سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي دل سان مبارڪ پيش ڪري ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو سامونڊي فوج جي خدمتن ۽ قربانين جو دل سان قدر ڪندا آهن، سامونڊي سرحدن جي حفاظت ۾ فوج جي ڪردار کي گهڻي اهميت ڏيندا آهن…….- Advertisement -
