صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان لڪي مروت ۾ مسجد تي حملي جي مذمت

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان لڪي مروت ۾ مسجد تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري شهيد پي ايم اي ڪيڊٽ عارف الله کي ڀيٽا پيش ڪئي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته عبادت گاهن تي حملا انتهائي بزدلاڻا ۽ غير اسلامي فعل آهي. صدر آصف علي زرداري شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف شهيد عارف الله کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته عارف الله بزدل دشمنن جي حملي کي ناڪام بڻائي جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج جي حب الوطني واري جذبي ۽ مٽيءَ سان وفا جي وچن جو مثال ڳولا ڪرڻ سان به نه ملندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عارف الله شهيد جي فرض شناسي ۽ محنت نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن نٿي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
33%
5.2m/s
16%
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون