تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي ايشيائي ترقياتي بينڪ جي صدر سان ملاقات

- Advertisement -
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا جي حمايت تي اي ڊي بي جي شراڪتداري جي واکاڻ ڪئي. ناڻي واري وزير اسلام آباد ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران نئين آفيس جي شروعات تي ڀليڪار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اي ڊي بي جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ کي جلد پڄاڻي تي پهچائيندي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ڪيپيٽل ايڊووڪيسي فريم ورڪ جي مڪمل ٿيڻ کي ساراهيو ۽ قدرتي آفتن جي تحفظ واري پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي پاليسي بيسڊ لون جي منظوري تي به اي ڊي بي جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو بورڊ 29 آڪٽوبر تي پاليسي بنيادن تي قرض جي منظوري تي غور ڪندو. ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي سائيڊ لائين تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪا جي توانائي بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪي حڪومت جو توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي آڇ تي امريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. محمد اورنگزيب ايس اينڊ پي گلوبل جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته ريٽنگ ايجنسي جلد پاڪستان جي ريٽنگ اپ گريڊ ڪندي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري ديمه اليحيٰ سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان جي آئي ٽي شعبي ۾ ترقي جي امڪانن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. محمد اورنگزيب ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، ڊجيٽل معيشت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ڊجيٽل پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ ڊجيٽل گورننس ۾ تعاون جي ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
23 %
2.7kmh
2 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون