تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ جو عزم

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪشميرين جي خوداراديت واري جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي. ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پنج سال اڳ ڀارت، والاريل ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيترائي هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم کنيا. سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ لاءِ 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ مسلسل مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت جا اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن، ڀارت جي اندروني قانون سازي ۽ عدالتي فيصلو ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد کي دٻائي نٿا سگهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪرڻ لاءِ عالمي برادري ڀارت تي زور ڀري. صدر آصف علي زرداري چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ڪرائي ڪشميرين سان انصاف ڪيو وڃي. ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پنج آگسٽ 2019ع تي ڀارت جو غيرآئيني ۽ غيرقانوني قدم والاريل ڪشمير کي دنيا جي وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ميڊيا جو آواز دٻائڻ لاءِ ڀارت هر قسم جا ظلم ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارتي فوج ظالماڻن قانونن جي آڙ ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو ڪشميري عوام جي بيمثال حوصلي، جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪن ٿا، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع وارو هڪ طرفو ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حاصل ٿيڻ تائين سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
24 %
3.9kmh
1 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون