صدر زرداري پاران بغداد ۾ مقدس زيارتن تي حاضري ڀري، امن، اتحاد ۽ سلامتي لاءِ دعائون
صدر آصف علي زرداري بغداد ۾ مقدس زيارتن تي حاضري ڀري آهي.
صدر مملڪت حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رضه جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي.
آصف علي زرداري ڪاظميه مقدسه ۾ امام موسيٰ الڪاظم ۽ امام محمد التقيٰ الجواد جي روضن تي حاضري ڀري.
صدر مملڪت ڪاظميه روضي تي مسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ سلامتي لاءِ دعا ڪئي.
آصف علي زرداري ڪاظميه روضي ۾ پانڌيئڙن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
صدر مملڪت ائمه اهلِ بيت جي تعليم کي علم، صبر، حڪمت ۽ اخلاقي قوت جو دائمي سرچشمو قرار ڏنو.
آصف علي زرداري امامِ اعظم ابو حنيفه جي مزار تي به حاضري ڀري.
صدر مملڪت سمورين مزارن جي منتظمين سان به ملاقاتون ڪيون.









