- Advertisement -
ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس اي ٽي سي مان سيش ڪورٽ منتقل ڪرڻ واري درخواست تان جوابدار ڌر هٿ کڻي وئي.
ميرپورخاص پوليس ڪسٽڊيءَ ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل وارو ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت بدران سيشن ڪورٽ ڏانھن منتقل ڪرڻ واري درخواست تان درخواستگذار ڌر ھٿ کڻي وئي آھي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران جوابدار ڌر ڪيس اي ٽي سي مان سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ واري درخواست تان هٿ کڻي وئي.
وڪيل مير احمد مڱريو چيو ته جوابدار ڄاڻايل ٻن درخواستگذارن سنڌڙي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او نياز احمد کوسو ۽ اڳوڻي سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري اي ٽي سي ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ھو ته ھي ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت بدران سيشن ڪورٽ ۾ ھلڻ جوڳو آھي.
عدالت سڳوري فيصلو ڏنو ته ڄاڻايل ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ھلڻ جوڳو آھي ۽ ان فيصلي کي درخواست گذارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ چيلين جا ڪيو ھو.
ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو چيو ته ھاءِ ڪورٽ ۾ ان ڏس ۾ دليل ٻڌا ويا، اڄ ٻيھر درخواست گذار ڌر کي پنھنجا دليل ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويو پر جوابدار ڌر پنھنجي ڪيس تان ھٿ کڻي وئي آهي.- Advertisement -
