- Advertisement -
صدر عارف علوي طرفان قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ سمري تي صحيح ۾ دير ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب صدر عارف علوي وٽ قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تي گهرائڻ لاءِ سمري موڪلي وئي.
صدر جو خيال آهي ته سمري 15 ڏينهن تائين روڪي سگهي ٿو ۽ کيس اهڙا اختيار آهن.
صدر عارف علوي کي بريفنگ ڏني وئي ته آئين تحت قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 29 فيبروري تي گهرائڻ لازمي آهي، آئين پابند ڪري ٿو ته چونڊن جي 21 ڏينهن اندر اجلاس لازمي گهرايو وڃي.
جيڪڏهن 29 فيبروري تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو ته ساڳي ڏينهن قسم کانپوءِ نئين اسپيڪر جي شيڊول جو اعلان ٿيندو.
پهرين مارچ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي سگهندا ۽ 2 مارچ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي جنهن کانپوءِ ساڳي ڏينهن اسپيڪر جي چونڊ به ٿيندي.
اهڙي نموني 3 مارچ تي وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو عمل ٿيندو، 4 مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي اليڪشن ٿيندي ۽ 9 مارچ تي صدر جي چونڊ اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي.- Advertisement -
