- Advertisement -
پ پ اڳواڻ امتياز شيخ چيو آهي ته مراد علي شاهه جي سنڌ جي وڏي وزير طور نامزدگي پارٽي جو بهترين فيصلو آهي، هو اعليٰ تعليم يافته تجربيڪار شخص آهي، ماضي ۾ هن سنڌ جي عوام جي شاندار خدمت ڪئي آهي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته سنڌ جي عوام کي پيپلزپارٽي کان ڪافي اميدون آهن.
سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙ پارٽين کي سنڌ جي عوام ڪڏهن مينڊيٽ ڏنو آهي؟، احتجاج جو مقصد رڳو ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي.
پ پ اڳواڻ امتياز شيخ چيو ته احتجاج سبب روڊ بند ٿيڻ سان عوام کي ذهني عذاب مان گذرڻو پئي پيو.
هن چيو ته عوام جي رد ٿيل عنصرن کي احتجاج جي آڙ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
پ پ اڳواڻ امتياز شيخ چيو ته مراد علي شاهه جي سنڌ جي وڏي وزير طور نامزدگي پارٽي جو بهترين فيصلو آهي، هو اعليٰ تعليم يافته تجربيڪار شخص آهي، ماضي ۾ هن سنڌ جي عوام جي شاندار خدمت ڪئي آهي- Advertisement -
