- Advertisement -
ڪشميرين جي ٻڌي جي اظهار بابت ڏهاڙي تي صدر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪشميرن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي.
ڪشميرين جي ٻڌي جي اظهار بابت ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر عارف علوي چيو ته والاريل ڪشمر جو حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير تي پنهنجو قبضو مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي حاصل ٿيڻ تائين حمايت جاري رکندو.
ڪشميرين جي ٻڌي جي اظهار بابت ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مڪمل سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت جو 5 آگسٽ 2019ع جو قدم گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ گهرجي.- Advertisement -
