- Advertisement -
آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته صدر پيوٽن کي سندس پيغام آهي ته هو هار نه مڃيندا، يوڪرين مسئلي بابت ڪنهن اڳيان نه جهڪندا، جمهوريت کي آمريڪا ۽ ٻاهرين دنيا ۾ خطرا آهن، جمهوريت تي حملا ٿي رهيا آهن پر هو ڪنڌ نه جهڪائيندا، يوڪرين سان گڏ هئا ۽ گڏ رهندا، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي حامين کي جمهوريت تي حملي لاءِ ڀڙڪايو، سياسي ڏڦيڙ لاءِ آمريڪا ۾ ڪنهن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.
اسٽيٽ آف دي يونين کي خطاب ڪندي جوبائيڊن چيو ته جمهوريت کي آمريڪا ۽ ٻاهرين دنيا ۾ خطرا آهن، جمهوريت تي حملا ٿي رهيا آهن پر هو ڪنڌ نه جهڪائيندا، يوڪرين سان گڏ هئا ۽ گڏ رهندا.
سندس چوڻ هو ته روس يوڪرين تي حملو ڪري يورپ ۽ يورپ کان ٻاهر ڏڦيڙ پيدا ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا يوڪرين کي هٿيار ڏئي ٿو ته هو پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي ٿو.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي حڪومت جي ڪارنامن جا تفصيل به ٻڌايا، ڪانگريس جي ميمبرن ۽ پنهنجي اقتدار جي دور ۾ حوصلا افزائي ڪندڙن جا ٿورا پڻ مڃيا.
صدر بائيڊن چيو ته جڏهن اقتدار مليو ته معيشت تباهي جي ڪناري تي هئي، ڪورونا جي وبا جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ معيشيت کي مستحڪم ڪيو، ٽن ورهين ۾ ڏيڍ ڪروڙ نيون نوڪريون پيدا ڪيون.
آمريڪي صدر بائيڊن، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو ته اڳوڻي آمريڪي صدر پنهنجي حامين کي جمهوريت تي حملا ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو، سياسي ڏڦير لاءِ آمريڪا ۾ ڪنهن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، آمريڪا ۾ جمهوريت خلاف سازش جي اجازت نه ڏيندا.
آمريڪي صدر جوبائيڊن وڌيڪ چيو ته آمريڪا نيٽو ملڪن جو فيملي ميمبر آهي جيڪو جمهوري رياستن جو اتحادي آهي، سويڊن ۽ فن لينڊ کي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئون ٿا.- Advertisement -
