- Advertisement -
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي انڪار تي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي سربراهيءَ ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدر طرفان اجلاس گهرائڻ جي انڪار واري معاملي تي غور ڪيو ويو.
اسپيڪر، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي آفيسرن ۽ آئيني ماهر سان صلاح مشورا ڪيا، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ پارلياماني معاملن واري ۽ قانون واري وزارت سان به صلاح مشورا ڪيا.
اجلاس ۾ اسپيڪر کي ٻڌايو ويو ته آئين موجب صدر طرفان سمري تي صحيح نه ڪرڻ سان اسيمبلي اجلاس گهرائڻ ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي، صدر جو اختيار 21هين ڏينهن کان اڳ اجلاس گهرائڻ جو آهي.
اجلاس دوران قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 29 فيبروري تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 2 تحت گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو….- Advertisement -
