- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداريءَ ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ ڌار ڌار ملاقات ڪئي.
صدر آصف زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران بلوچستان جي امن امان واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
صدر کي بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردن جي حملن بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر آصف زرداري چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ وزيراعظم سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران کيس صوبي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾تازيون ڪاررايون بزدلاڻيون هيون، جن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته بهادر سڪيورٽي فورسز جانين جا نظرانا پيش ڪئي دهشتگردن جا ارادا ناڪام بڻايا.
وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.- Advertisement -
