- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوري قدرن ۽ اصولن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي.
جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجن الڳ الڳ پيغامن ۾ صدر ۽ وزيراعظم جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو.
صدر آصف علي زرداري طرفان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته جمهوريت جو عالمي ڏينهن عوام جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ياد ڏياري ٿي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته جمهوريت صرف هڪ عمل ناهي، پر هڪ نظريو آهي جيڪو رواداري، مخالف راءِ جي احترام ۽ انفرادي ۽ اجتماعي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو.
صدر جو چوڻ هو ته صرف هڪ جمهوري نظام ذريعي ئي برابري، سماجي ۽ اقتصادي انصاف، اظهار جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ادارن جي سڌارن ۽ جمهويت کي مضبوط ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته جمهوريت بنيادي طور تي عوام جو آواز ۽ حڪومت جي نظام ۾ عوام جي شرڪت جو نالو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته 1973ع جو آئين پاڪستان ۾ حڪومت جي جمهوري نظام جي ترقي ۾ اهم ۽ نمايان ڪردار جي حيثيت رکي ٿو.
سندس چوڻ هو ته جمهوري ادارن ۾ پارليامينٽ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي ڇاڪاڻ ته هن اداري وٽ عوامي ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قانون سازي ڪرڻ جو اختيار آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته اڄ جي اهم ڏينهن تي پاڪستان پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو ته جمهوري اصولن ۽ بنيادي حقن جي حفاظت ۽ ترقي يافته مستقبل جي تعمير لاءِ عوام، ادارا ۽ حڪومت گڏجي ڪم ڪندا.- Advertisement -
