تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر ۽ وزيراعظم پاران ملڪ ۾ جمهوري قدرن جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ عزم جو اظهار

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوري قدرن ۽ اصولن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي. جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجن الڳ الڳ پيغامن ۾ صدر ۽ وزيراعظم جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري طرفان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته جمهوريت جو عالمي ڏينهن عوام جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ياد ڏياري ٿي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته جمهوريت صرف هڪ عمل ناهي، پر هڪ نظريو آهي جيڪو رواداري، مخالف راءِ جي احترام ۽ انفرادي ۽ اجتماعي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو. صدر جو چوڻ هو ته صرف هڪ جمهوري نظام ذريعي ئي برابري، سماجي ۽ اقتصادي انصاف، اظهار جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته ادارن جي سڌارن ۽ جمهويت کي مضبوط ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته جمهوريت بنيادي طور تي عوام جو آواز ۽ حڪومت جي نظام ۾ عوام جي شرڪت جو نالو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته 1973ع جو آئين پاڪستان ۾ حڪومت جي جمهوري نظام جي ترقي ۾ اهم ۽ نمايان ڪردار جي حيثيت رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته جمهوري ادارن ۾ پارليامينٽ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي ڇاڪاڻ ته هن اداري وٽ عوامي ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قانون سازي ڪرڻ جو اختيار آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته اڄ جي اهم ڏينهن تي پاڪستان پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو ته جمهوري اصولن ۽ بنيادي حقن جي حفاظت ۽ ترقي يافته مستقبل جي تعمير لاءِ عوام، ادارا ۽ حڪومت گڏجي ڪم ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون