تازه ترين

صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 8 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي

- Advertisement -
صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 8 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽر ميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪيس ۾ جوابدارن جي پڪي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران انٽر بورڊ جي چيئرمين پروفيسر نسيم احمد ميمڻ، اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين ۽ اڳوڻي امتحانن واري ڪنٽرولر انور عليم راجپوت سميت 7 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. هڪ جوابدار محمد اسلم عمري تي وڃڻ سبب حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏني. عدالت جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 8 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ان کان اڳ جوابدارن جي هڪ ھڪ لک رپين جا ضمانت ڪاغذ جمع ڪرائڻ عيوض ڪچي ضمانت منظور ڪئي ھئي. جوابدارن پاران انڪوائري خلاف هائيڪورٽ مان منع نامو جاري ٿيل آهي. گذريل ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو هو ته وڏي وزير پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. گذريل ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن تي پري ميڊيڪل 2022 جي نتيجن ۾ بي ضابطگين جا الزام آهن، جوابدارن شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري حقدار شاگردن جو مستقبل خراب ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22 ° C
22 °
22 °
53 %
0.7kmh
51 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون