- Advertisement -
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪي وجود کي هڪ شخص سان ڳنڍي نه ٿو سگهجي، صوبي مان وفاق تي حملي جي ڳالهه ٿي ته ڪارروائي ضرور ڪئي ويندي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ملڪي وجود ۽ وفاق کي چئلينج ڪيو ويو، پوءِ ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڳالهائيندا آهن ته چوندا آهن رڳو فوج سان ڳالهيون ٿينديون، اهو سياسي ڊي اين اي جو مسئلو آهي، جڏهن فوج توهان کي لانچ ڪيو هجي ته بار بار اوڏانهن ئي ويندا آهيو.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جو جلسو ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو جنهن ۾ فوج کي چئلينج ڪيو ويو، علي امين گنڊا پور 15 ڏينهن جي ڳالهه ڪئي، 2 ڏينهن گذري ويا آهن، جرئت آهي ته اچي ڏيکاري، هو انتظار ڪري رهيا آهن.
خواجه آصف چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجو رويو درست ڪرڻو پوندو، جلسي ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وئي تنهن تي صحافين به احتجاج ڪيو آهي.
هن چيو ته جلسي ۾ ماڻهو نه اچڻ جو اهو مقصد ناهي ته ملڪي سلامتي حملو ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان ضمير فروش ۽ رنگ باز آهي، هو ڏاڙهي رکي درود پڙهي ٿو پر منافقت ڪري ٿو.- Advertisement -
