صوبي ۾ حساس پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر ڪئي ويندي: احمد شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير احمد شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ حساس پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران صوبائي وزير احمد شاهه چيو ته سنڌ ۾ 6 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس آهن،  5 کان 10 فيبروري تائين فوج حساس علائقن ۾ موجود هوندي. هن چيو ته سنڌ ۾ پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته پاڪ فوج ڪوئيڪ رسپانس فورس طور ڪم ڪندي. اطلاعات واري نگران وزير چيو ته سنڌ ۾ 6 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس آهن، پولنگ اسٽيشنن تي 6 هزار کان وڌيڪ ڪيمرائون لڳايون ويون آهن. هن چيو ته چونڊن بابت ڪنهن کي به مونجهارو نه هجڻ گهرجي، سنڌ جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. احمد شاهه چيو ته فوج 5 کان 10 فيبروري تائين حساس علائقن ۾ موجود هوندي، پرزائيڊنگ آفيسر چونڊن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنن تي موجود هوندا. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير چيو ته پولنگ واري ڏينهن موبائيل فون سروس بند نه ٿيندي، غير حاضر رهندڙ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ، عام چونڊن جون سموريون تياريون مڪمل ڪري امن امان برقرار رکڻ لاءِ 62 ارب رپيه جاري ڪيا ويا آهن…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
20%
3.2m/s
2%
اڱارو
20 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون