تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ظهران ممداني جي ميئر ٿيڻ کانپوءِ هاڻي شهري نيويارڪ ڇڏي فلوريڊا منتقل ٿي ويندا : ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعوى ڪئي آهي ته ظهران ممداني جي ميئر ٿيڻ کانپوءِ هاڻي شهري نيويارڪ ڇڏي فلوريڊا منتقل ٿي ويندا. ميامي ۾ بزنس فورم کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته نيويار سٽي اليڪشن واري ڏينهن پنهنجي خودمختياري وڃائي ڇڏي، هاڻي ڏسڻو آهي ته ظهران ممداني نيويارڪ ۾ڪيئن ڪم ڪري ٿو، هو چاهين ٿا ته نيويارڪ ڪامياب ٿئي ان لاءِ ٿوري مدد ڪندا. ٽرمپ ڇيو ته هاڻي ميامي به جلد نيويارڪ سٽي کان ايندڙ ماڻهن لاءِ پناگاهه بڻجي ويندو ڇاڪاڻ ته اتان جا ماڻهو ممداني جي ڪميونسٽ نظرئي کان بچڻ چاهين ٿا. صدر ٽرمپ چيو ته چونڊيل ميئر کي واشنگٽن سان هڪ نئون تعلق قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن زهران ممداني سهڪار نه ڪندو ته کيس وڏو نقصان پئجي سگھي ٿو. هن چيو ته هو زهران ممداني سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن ممداني ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿو ته کيس واشنگٽن جو احترام ڪرڻو پوندو. ٽرمپ اهو به چيو ته آمريڪا ايٽمي طاقت ۾ پهرين نمبر تي آهي پر ان جي اعتراف سان نفرت آهي، روس ٻئين ۽ چين ٽئين نمبر تي آهي، چين 4 کان 5 سالن ۾ امريڪا جي برابر ٿي ويندو. آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڏکڻ آفريڪا کي هاڻي جـِي 20 ملڪن جي گروپ جو حصو نه هجڻ گهرجي ۽ هو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيندڙ جـِي 20 ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
35 %
1.7kmh
99 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون