- Advertisement -
عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرز پاڪستان جي ٻن منصوبن ڊيجيٽل اڪانامي ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ 149 ڏهائي 7 ملين ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڊيجيٽل اڪانامي اينهانسمينٽ پراجيڪٽ لاءِ 78 ملين ڊالرز مختص ڪيا ويا آهن، جنهن سان ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ساري ذريعي مالياتي نظام کي بهتر بڻايو ويندو.
هن پراجيڪٽ ذريعي سرڪاري ادارن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي نتيجي ۾ اقتصادي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت کي هٿي ملندي.
سنڌ ۾ بيراجن جي بهتري جي منصوبي لاءِ 71 ڏهائي 7 ملين ڊالر مختص ڪيا ويا جنهن سان ٻوڏ کان بچاءَ يقيني بڻايو ويندو، هن منصوبي سان واهن جي نظام جي لچڪ ۾ اضافو ٿيندو، ٻوڏ واقعن جي ناڪاري اثرن ۾ گهٽتائي ايندي.
خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مالياتي حل ڳولهڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ سان پيدا ٿيندڙ آفتن خلاف پاڻ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
