عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان کان ايندڙ مالي سال جو ٽيڪس حدف 12 هزار 900 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو

- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان کان ايندڙ مالي سال جو ٽيڪس حدف 12 هزار 900 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ايندڙ مالي سال ايف بي آر کي 3 هزار 490 ارب رپيا واڌو ٽيڪس وصولي ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف ٽيڪس حدف 12 هزار 900 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو ته انڪم ٽيڪس تفصيل جمع ڪرائيندڙ جو انگ 30 کان کان وڌائي 60 لکن تائين آندو وڃي ۽ واپارين کي هر صورت انڪم ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. ايندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس حدف حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ زرعي شين، ٻچن، ڀاڻ، ٽريڪٽر ۽ ٻين شين تي مڪمل سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي ويندي. خوراڪ، دوائن، اسٽيشنري تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کي به تجويز ڏني وئي، جڏهن ته ٽيڪس حاصل ٿيڻ ۾ ڏکيائين تي سيلز ٽيڪس جي شرح هڪ کان ٻه سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.2 ° C
16.2 °
16.2 °
16%
1.4m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
23 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون