- Advertisement -
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عام چونڊن دوران موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي گائيڊ لائن نه ڏني وئي آهي، سڪيورٽي سنجيده مسئلو آهي، امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ تي انتظاميه صورتحال جو جائزو وٺي فيصلو ڪندي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو عزم ڪمزور نه ٿيو آهي.
هڪ بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته سڪيورٽي سنجيده مسئلو آهي، حڪومت طرفان عام چونڊن دوران موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي گائيڊ لائن نه ڏني وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن هنڌ امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ٿي ته مقامي انتظاميا صورتحال جو جائزو وٺي فيصلو ڪري سگهي ٿي.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته غير معمولي صورتحال غير معمولي حل جي گهر ڪندي آهي پر اڃا تائين اهڙي ڪابه غير معمولي صورتحال موجود ناهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو عزم ڪمزور نه ٿيو آهي، ڪابل ۾ افغان طالبان جي عبوري حڪومت قائم ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ مختلف دهشتگرد ٽولن جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو آهي، رڳو گذريل سال دهشتگردي جا 15 سئو واقعا ٿيا.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته مقامي، پرڏيهي صحافين ۽ مبصرن جي سهولت لاءِ اطلاعات واري وزارت هڪ آن لائن هيلپ لائن قائم ڪئي آهي.- Advertisement -
