نواز شريف جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو: مريم اورنگزيب

- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ نون سمورن تڪن تي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ چور چور چوندڙن کي وائکو ڪري ڇڏيو، 8 فيبروري تي عوام پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪندو،  شهباز شريف ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، نواز شريف قوم سان ڪيل هر واعدو پورو ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ نون جي منشور تي مڪمل عمل ڪيو ويندو، رڳو واعدو ناهي منشور ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو طريقيڪار ٻڌايو آهي، پهرين سال ۾ مهانگائي کي سنگل ڊيجٽ تي آندو ويندو. سندس چوڻ هو ته اڄ قصور ۾ آخري جلسي کي قائد نواز شريف خطاب ڪندو، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ چور چور چوندڙن کي وائکو ڪري ڇڏيو، نواز شريف عوام سان ڪيل هر واعدو نڀايو. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ نوان شهر آباد ڪيا ويندا، مسلم ليگ نون سمورن تڪن تي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي خدشن کان بچايو ويندو، گدلاڻ کان پاڪ ڪيو ويندو. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته جنهن وقت ماڻهو ڌرڻا هڻي رهيا هئا ان وقت نواز شريف بجلي ٺاهي رهيو هو، نواز شريف جي دور ۾ سي پيڪ جا منصوبا ٺهي رهيا هئا، مهانگي بجلي ۽ گيس جو خاتمو ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
31%
1.4m/s
1%
اڱارو
13 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °

تازه ترين خبرون