تازه ترين

عام چونڊن لاءِ 5 لک 79 هزار 171 ڄڻن جي تربيت مڪمل ڪئي وئي آهي: اليڪشن ڪميشن

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته عام چونڊن لاءِ 5 لک 79 هزار 171 ڄڻن جي تربيت مڪمل ڪئي وئي آهي، وڌيڪ 4 لک 62 هزار 22 ڄڻن جي تربيت پهرين فيبروري تائين مڪمل ڪئي ويندي، جڏهن ته مرڪزي ڪنٽرول روم ۾ مليل45 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته عام چونڊن ۾ مقرر ٿيندڙ 9 لک 85 هزار 413 ڄڻن تي ٻڌل چونڊ عملي جي تربيت جي شروعات نومبر 2023 جي آخري هفتي ۾ ڪئي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته چونڊ عملي ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، ريٽرننگ آفيسر، پرزائيڊنگ آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ ٻيو چونڊ عملو شامل آهي. ترجمان موجب تربيتي پروگرام جي دوران غير حاضر رهندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته عام چونڊن جي دوران چونڊ ذميواريون نڀائيندڙن کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي . اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته مرڪزي ڪنٽرول روم 26 ڊسمبر 2023 کان مڪمل فعال آهي، هن وقت تائين مليل 45 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب، اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ قائم مرڪزي شڪايت سيل ۾ ملندڙ 165 شڪايتن تي فوري طور ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته مرڪزي ڪنٽرول روم جي ماتهت 180 ڪنٽرول روم صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي فعال ڪيا ويا آهن جيڪي چونڊن جي نگراني ۽ شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ مرڪزي ڪنٽرول روم جي معاونت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ جي سمورن ضلعن ۾ مقرر مانيٽرنگ ٽيمون به سرگرم ٿي ويون آهن، اميدوارن طرفان ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سمورو اشتهاري مواد روزاني جي بنياد تي هٽايو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته ضابطه اخلاق جي ٻين ڀڃڪڙين تي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسرن جي طرفان نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ انڪوارين بعد قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
35.7 ° C
35.7 °
35.7 °
5 %
7.7kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون