- Advertisement -
نگران سنڌ جي اطلاعات واري وزير احمد شاهه چيو آهي ته عام چونڊن واري ڏينهن دهشتگردي جو خطرو آهي، ڪو دشمن فائدو نه وٺي تنهنڪري الرٽ آهن، امن و امان کي برقرار رکڻ لاءِ فوج جي مقرري مڪمل ڪئي وئي آهي، منشيات جي سمگلنگ ذريعي دهشتگردن کي فنڊنگ ٿئي ٿي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احمد شاهه چيو ته ڪراچي ، مٽياري، سانگهڙ، شڪارپور ۽ سينٽرل ڊسٽرڪٽ ۾ حساس پولنگ اسٽيشن آهن.
هن چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ سان گڏجي لاڙڪاڻي، سکر ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو، اتي پوليس سميت مختلف ڊپارٽمينٽ جي نمائندن سان مليا.
هن چيو ته هٿيارن جي نمائش تي پابندي آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
نگران صوبائي وزير محمد احمد شاھ چيو ته پيپلزپارٽي اميدوار ذوالفقار شاھ کي گولي ناهي لڳي،گوليون گاڏي کي لڳيون هنيون .ذوالفقار شاھ کي گاڏي جا شيشا لڳا هئا، جنهن سبب هو ز خمي ٿي پيو.
نگران وزير چيو ته بيلٽ پيپر سمورن ضلعن ۾ پهچي چڪا آهن. ڪراچي ۾ سڀاڻي ڏنا وينداا، ڊويزن ۽ ضلعن ۾ ڪنٽرول روم ٺاهيا ويا آهن.
هن چيو ته اليڪشن جي نگراني سي ايم جي سربراهي ۾ ڪئي ويندي، موبائل فون سگنلس کي بند ڪرڻ جي ڪا به ڳالھ ناهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته ڪوبه پوليس سميت سڪيورٽي اهلڪار صحافين کي پولنگ اسٽيشن ۾ وڃڻ کان نه روڪيندو، جان محمد مهر سميت مختلف معاملن تي جلد خوش خبري ڏني ويندي،
احمد شاهه چيو ته چيو ته 6500 پولنگ اسٽيشن تي ڪيمرا لڳايون ويون آهن..
هڪ سوال جي جواب ۾ محمد احمد شاھ چيو ته غير قانوني ترسيل ماڻهون مختلف ڪرائيم ۾ ملوث آهن.- Advertisement -
