- Advertisement -
گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز خان چيو آهي ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ پرامن ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ کي يقيني بڻائيندا، ڪنهن صوبي يا ضلعي انتظاميه جي درخواست تي موبائيل فون سروس بند ڪرڻ بابت فيصلو ٿيندو، ڪنهن کي به چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، باجوڙ واقعي ذريعي حڪومت کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نگران حڪومت عام چونڊن لاءِ پنهنجون سموريون ذميواريون پوريون ڪيون آهن، آئين تحت چونڊيل نمائندا ئي حڪومت هلائي سگهن ٿا، عام چونڊن دوران امن امان لاءِ مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.
اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته اليڪشن پرامن ٿيندي ۽ اليڪشن ڪميشن کي ئي چونڊون ڪرائڻيون آهن، 12 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني 8 فيبروري تي ووٽ ڪاسٽ ڪندا.
سندس چوڻ هو ته سموريون شيون ٽريڪ تي آهن، افواهن باوجود 8 فيبروري تي چونڊون ٿي رهيون آهن، اڃا تائين ڪنهن هنڌ موبائل يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو.
گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز خان چيو ته سڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪنهن صوبي يا ضلعي انتظاميا جي درخواست آئين ته انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو، نگران حڪومت کي اليڪشن جي ذميواري ملي آهي، ڪوشش آهي ته اليڪشن عمل ۾ ڪنهن به صورت جاني نقصان نه ٿئي.
هن چيو ته سنڌ ۾ اليڪشن جون تياريون زور شور سان جاري آهي، جيڪي پارٽيون سنڌ ۾ اليڪشن وڙهي رهيون آهن اهي سالن کان هڪٻئي کي سڃاڻن ٿيون، سڪيورٽي ادارا ۽ ايڊمنسٽريشن موجود آهي، ڪير به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي نٿو سگهي.
گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز خان چيو ته بلوچستان جي به سموري رپورٽ پنهنجي اليڪشن سيل ۾ ورتي، صوبي ۾ اميدوارن ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ نه ڏٺي، بلوچستان ۾ پوليس، سول آرمڊ فورسز ۽ فوج سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن کي به چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، باجوڙ واقعي ذريعي حڪومت کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته نگران حڪومت عام چونڊن لاءِ پنهنجون سموريون ذميواريون پوريون ڪيون آهن، آئين تحت چونڊيل نمائندا ئي حڪومت هلائي سگهن ٿا، عام چونڊن دوران امن امان لاءِ مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.
ان موقعي تي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته عام چونڊون مڪمل طور پرامن نموني ٿينديون، اليڪشن ڪميشن کي ئي عام چونڊون ڪرائڻيون آهن.
هن چيو ته اليڪشن بابت ڪيترائي افواهه هئا پر افواهن باوجود اليڪشن ٿي رهي آهي ڇو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ چونڊيل نمائندا ئي هلائيندا.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سال 2018ع جي چونڊ 2008 ۽ 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرامن هئي ان باوجود 2018ع ۾ 666 ماڻهو مارجي ويا، 2013ع ۾ صورتحال وڌيڪ خراب هئي، 2008ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت بعد اليڪشن ۾ هڪ مهينو دير ٿي.- Advertisement -
