تازه ترين

عام چونڊن کان پهريان تحريڪ انصاف جي باني جو جيل مان آزاد ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي : منظور وساڻ

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته عام چونڊن کان پهريان تحريڪ انصاف جي باني جو جيل مان آزاد ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي، جيڪڏهن ن ليگ جي حڪومت ٺهي به وئي ته اها مدو مڪمل نه ڪري سگهندي، جهانگير ترين سپورٽ وٺن لاءِ نواز شريف جو پاسو کڻي رهيو آهي، جهانگير ترين پهريان اليڪشن کٽي ته صحيح بعد ۾ ڏٺو ويندو. ڪوٽڏيجي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته عام چونڊن کان پهريان تحريڪ انصاف جي باني جو جيل مان آزاد ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي جيڪڏهن ڪو چاهيندو تڏهن به پي ٽي آءِ باني کي جيل مان آزاد نه ڪرائي سگهندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي قدرت طرفان مايوسي مليل آهي، ڪڏهن کلندي کلندي به جيل ڪاٽڻ گهرجي، نواز شريف جي سڀ کان وڏي مايوسي ايندڙ حڪومت به آهي. پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته جڏهن وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي ته سرپرائز هوندو، نواز شريف پنهنجي نياڻي کي اڳتي آڻيندو پر وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ جي حڪومت ٺهي به وئي ته اها مدو مڪمل نه ڪري سگهندي. پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته جهانگير ترين سپورٽ وٺن لاءِ نواز شريف جو پاسو کڻي رهيو آهي، جهانگير ترين حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جهانگير ترين پهريان اليڪشن کٽي ته صحيح بعد ۾ ڏٺو ويندو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
56 %
3kmh
1 %
ڇنڇر
25 °
آچر
29 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون