تازه ترين

سنڌ فوڊ اٿارٽي جون مختلف علائقن ۾ ڪارروايون

- Advertisement -
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اسپيشل ٽاسڪ فورس جي ڪارروائي دوران صفائي جي ناقص صورتحال تي ڪيترن ئي کاڌي پيتي جي مرڪزن جي مالڪن تي ڏنڊ مقرر ڪيو. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي، ڊي جي آغا فخر حسين جي نگراني ۾ گلشن اقبال ۾ يونيورسٽي روڊ تي قائم کاڌي پيتي جي مرڪزن جو معائنو ڪيو ويو. معائني دوران صفائي سٿرائي جي ناقص صورتحال تي ڪيترن ئي دڪان مالڪن مٿان ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. سنڌ فوڊ اٿارٽي ٽيم پاران پورٽ گرينڊ ۾ قائم کاڌي پيتي جي مرڪزن جو معائنو ڪيو ويو. معائني دوران نوٽ ڪيو ويو ته پورٽ گرينڊ تي قائم فوڊ سينٽرز پاران صفائي سٿرائي جو  خاص خيال رکيو ويو هو. سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران فوڊ سينٽرز جي مالڪن کي اٿارٽي کان لائسنس وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جو چوڻ هو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي صوبي جي عوام کي صحت مند غذا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، فوڊ سينٽرز سان لاڳاپيل ماڻهو سنڌ فوڊ اٿارٽي جي هدايتن تي عمل ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
56 %
3kmh
1 %
ڇنڇر
25 °
آچر
29 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون